Saturday, 13 April 2019

ٿر جي پروفيسرن طرفان ڏڪاريل ڏيهه ۾ يونيورسٽي کولڻ جو مطالبو

ٿر جي پروفيسرن طرفان ڏڪاريل ڏيهه ۾ يونيورسٽي کولڻ جو مطالبو

اڳوڻن وي سيز، پروفيسرن سميت 30 کان وڌيڪ ڏاهن سرڪار کي اپيل ڪئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڏڪار سٽيل ڏيهه ٿر سان تعلق رکندڙ سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهائيندڙ پروفيسرز صوبي جي حڪمران پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آهي ته مارئي جي ديس ۾ يونيورسٽي قائم ڪئي ڪئي وڃي، يونيورسٽيز جي اڳوڻن وائيس چانسلرز سميت پروفيسرز ۽ 30 کان وڌيڪ ڏاهن پنهنجي صحيحن سان يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي اپيل اختيارين کي اماڻي آهي. ٿر اڪيڊميا فورم تحت صحيحن واري اپيل ۾ چيو ويو آهي ته ٿر جو واحد وسيلو افرادي قوت آهي افرادي قوت کي ئي اعليٰ تعليم ڏئي بيابان واري علائقي مان بدترين غربت، بک، بيمارين ۽ غذائي کوٽ جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. هنن موقف اختيار ڪيو آهي ته پروفيسر ۽ دانشور هئڻ ڪري ڪيتري عرصي کان ٿر جي حالتن ٿي هنن جي گهر نظر رهي آهي، هنن کي انهن سڀني خراب حالتن جو حل اعليٰ تعليم ۾ ئي ڏسڻ ۾ آيو آهي، پاڻي جي کوٽ، کاڌ خوراڪ جي کوٽ، موسمي حالتن جي ڪري سهولتن جي اڻاٺ سبب بدترين غربت، تعليم جي پسمادگي، جنسي نابرابري ۽ اڻ کٽ بيروزگاري هن علائقي جي ماڻهن لاءِ چئلينج آهي. لاڳيتو ڏڪارن سبب ماڻهن جي زندگي مشڪل بڻجي وئي آهي ڪنهن به مُلڪ ۾ انساني وسيلن جي ترقي مجموعي طور تي مُلڪي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندي آهي. ٿر جي خوشحالي ۽ بهتري لاءِ انساني وسيلن جي ترقي انتهائي اهم بڻجي وئي آهي. دستخطي اپيل ۾ مثال ڏنو ويو آهي ته ٻي عالمي جنگ کان پوءِ انساني وسيلن کي ترقي ڏئي انسان ترقي جي اڄوڪي معراج تي پهتو آهي. ان ڪري ٿر جي ماڻهن جي ڏکن ۽ تڪليفن جو حل اعليٰ تعليم ۾ ئي آهي ٿر انساني ترقي جي انڊيڪس تحت پئرس ۾ 29 نمبر تي آهي. جتي هنر ۽ تعليم ناهي، ٿر کي ڪا ويجهي يونيورسٽي نه هجڻ ڪري نوجوانن کي اعليٰ تعليم لاءِ حيدرآباد يا ڪراچي وڃڻو پوي ٿو. صحيحون ڪندڙن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ڀواني شنڪر چوڌري، پروفيسر ڊاڪٽر جئمل ڌيراڻي، پروفيسر ڊاڪٽر فيروز ميمڻ، وائيس چانسلر يونيورسٽي آف ماڊل سائنسز ٽنڊو محمد خان سهيل سانگي، ڊاڪٽر غني راهمون، ڊاڪٽر مبارڪ نهڙيو، ڊاڪٽر سوجو ميگھواڙ، ڊاڪٽر ڪمليش، ڊاڪٽر گلزار، ڊاڪٽر عثمان، ڊاڪٽر محمد قاسم سميجو، ڊاڪٽر گورڌن ولاسائي، ڊاڪٽر صادق نهڙي، ڊاڪٽر رسول بخش مهر، ڊاڪٽر اي وي ڀيل، ڊاڪٽر ويلو سوٽهڙ، ڊاڪٽر حمزو خان ڪنڀر، ڊاڪٽر اسماعيل رند، ڊاڪٽر جاويد اڪبر درس، ڊاڪٽر محمد پانڌي سميت ٻيا شامل آهن. جڏهن ته ٿر لاءِ يونيورسٽي وارو مطالبو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي. ٽوئيٽر تي “ٿر لاءِ يونيورسٽي ڏيو” وارو ٽرينڊ بڻجي ويو آهي، ٿر جي نوجوانن ۽ هڏڏوکين، اديبن، شاعرن، صحافين ۽ ٻين پاران يونيورسٽي قائم ڪرڻ واري مطالبي جي حمايت ڪئي وئي آهي.


No comments:

Post a Comment